انسان قيمتي آھي، آپگهات گهٽايو

تحرير: محمد خان سيال

اھا ڏاڍي ڏک جهڙي خبر آھي ته سڄي ملڪ ۾ آپگهات جا واقعا، اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌي  ويا آھن جيڪو نھايت ئي ڳڻتي جوڳو داستان آھي. جيئن ته اسان جو بنيادي  واسطو سنڌ سان آھي سو اسان سنڌ ۾ گهڻي وقت کان آپگهات جي ھلندڙ دکدائڪ واقعن جو خاص ڪري حوالو ڏينداسون ۽ اسان جي اھا به دلي خواھش آھي ته سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ  ۾ آپگهاتي واقعا بند ٿي وڃن پر بند نٿا ٿين ته گهڻو گهٽجي وڃن ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري گھڻا مسئلا پيدا ٿين ٿا سي به گهٽجي وڃن ته وھ واھ.

اھو داستان ٻڌائڻ به ضروري آھي ته ڪجهه اھڙا ملڪ به آھن جتي آپگهاتي حملا بلڪل گهٽ آھن جن ۾ ھڪ اھڙو ملڪ به خاص ڪري شامل آھي جتي آپگهاتي حملا نه ھئڻ جي برابر آھن ۽ اھا ڪا معمولي ڳالھ ڪونھي. انھيءَ ملڪ جو نالو آھي جپان. اھو ٻڌائڻ مناسب آھي ته مون جڏھن دنيا جي گولي جي چوڌاري چڪر ڏنو ھو ۽ آمريڪا کان جپان جي گاديءَ واري شھر ٽوڪيو پھتو ھوس ته مون کي اتان جو گاديءَ وارو شھر نه رڳو وڻيو پر اتان جا عام ماڻھو به وڌيڪ وڻيا ھئا ڇاڪاڻ ته انھن جو سلوڪ اسان پرڏيھين سيلانين سان مناسب ھوندو آھي جڏھن ته انھيءَ ملڪ جي عوام ۾، آپگهات جا واقعا نه ھئڻ جي برابر آھن يعني بلڪل گهٽ آھن پر ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا  ڪڏھن ڪڏھن ٿيندا به آھن. تازو ھڪ دکدائڪ واقعو ٿيو آھي جو اڳوڻي وزيراعظم سنزو ايب کي ڪنھن نه ڪنھن ،سندس پنھنجي ملڪ جپان ۾ ئي قتل ڪيو آھي.

بھرحال، اصل موضوع تي ڳالھائڻ مناسب آھي سو آھي آپگهات ۽ بي روزگاري بند ڪرائڻ يا گهٽائڻ. ميڊيا ۾ ڇپيل خبرن موجب سنڌ ۾ آپگهات جو لاڙو وڌيل آھي ۽ عام طور  گھٽ وڌ واقعا، سڀني ضلعن ۾ ٿين ٿا جتي نه رڳو مرد پر عورتون به آپگهات ڪن ٿيون. آپگهات جا ظاھري سبب  بي روزگاري  ۽ گهرو پر ذاتي مايوسيءَ ۾ ڦاٿل ماڻھو آھن جيڪي حالتن جو مقابلو به ڪونه ٿا ڪري سگهن.

منھنجي خيال ۾ انھيءَ سلسلي ۾ ڳنڀيرتا سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن پر اسان وٽ مامرو ئي نرالو آھي. مون دنيا جا کوڙ ملڪ ڪيترا ڀيرا ذاتي طور گهمي ڏٺا آھن  ۽ اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪئي آھي ته اُتي سماجي ڀلائيءَ واريون کوڙ تنظيمون  ٺھيل آھن جيڪي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ لاڳيتو ۽ زوردار ڪوششون ڪن ٿيون ۽ انھن ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب به ٿين ٿيون.

ڊپريشن يعني مايوسيءَ جا به کوڙ واقعا ٿين ٿا معني ڪيترا ماڻھو ذھني طور مايوس ھوندا آھن پر کين ڇوٽڪاري جو ڪو نبيرو ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آھي. اصل ۾ اھڙا سماجي ادارا به ھئڻ گھرجن جيڪي عوام جي مايوسي ختم ڪرڻ ۾ ساٿ ڏئي سگهندا. عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪارائتيون سوچون رکڻيون پونديون جن ۾ اڳتي ھلي عام ماڻھن جو ڀلائي سمايل ھوندي. منھنجو مطلب آھي ته سنڌ جي عوام کي عام ڀلائيءَ واري سوچ کي به اھميت ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان سڄي قوم جو گڏيل فائدو سمايل ھوندو.

مان اٽڪل چار ڀيرا آمريڪا گهمي ڏٺي آھي ۽ اتي ڪيترا مھينا به رھيو آھيان. مون نوٽ ڪيو آھي ته بيماريءَ جو علاج الاھي مھانگو ھوندو آھي  پر اتي سماجي ادرا کوڙ آھن جيڪي عام بيمار ماڻھن جي مالي مدد ڪندا رھندا آھن ۽ اھڙي ريت ڀلائيءَ جو اھو سلسلو ھلندو رھندو آھي.انھيءَ کان علاوھ، مان  آمريڪا جي ڀر واري ملڪ مشھور ڪيناڊا ۾ به ويو آھيان جتي سرڪار به عوام جي گهڻي مدد ڪندي رھندي آھي ۽ اھڙي ريت اتي علاج بلڪل سستو  ھوندو آھي. ڪيناڊا جي شھر ٽورنٽو ۾ ھڪ سنڌي پنھنجي معصوم ٻار کي  مون سان ملڻ لاءِ وٺي آيو جنھن ٻڌايو ته ان کي خاص بيماري آھن ۽ سرڪار پنھنجي طرفان لکين ڪينادا جا ڊالر علاج لاءِ خرچ ڪري پيئي ۽ اسان کان پيسا ڪونه وٺي پيئي. بھرحال، مون کي اھو نوٽ ڪري خوشي ٿي ته سرڪار کي عوام جي ڀلائيءَ جو گهڻو احساس آھي ۽ اھم ڳالهھ  اھا آھي ته اتي سماجي ادارا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ جدوجھد ڪندا رھندا آھن.اھا اھم ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته اسان جي سنڌ ۾، ھڪ ٻن کان وڌيڪ، عام ڀلائيءَ وارن پرائيويٽ ادارن کان وڌيڪ ادارا ڪونه آھن جڏھن ته ميڊيا موجب عوام جي ڀلائيءَ جي نالن ۾ ڪيترا اھڙا به پرائيويٽ ادارا ٺاھيل آھن جن جو ڪم رڳو ذاتي مال ڪمائڻ ھوندو آھي. ڪجهھ وقت اڳ، انھن تي بندش به وڌي وئي ھئي پر پوءِ به ڪيترا ادارا، سڌي يا اڻ سڌي ريت اڃا به قائم آھن.

اسان جو اصل مقصد آپگهات گهٽائڻ آھي جن جو ھڪ سبب مھانگائي ۽ ٻيو سماجي ناانصافين ھيٺ ٿيندڙ ظلم آھن. جيئن ته اسان جي سنڌ ۾ سماجي ڀلائيءَ وارا پرائيويٽ ادارا نه ھئڻ جي برابر آھن تنھن ڪري سنڌ سرڪار کي صلاح ڏجي ٿي ته ھو نه رڳو عوامي ڀلائيءَ وارا ادارا ٺاھن پر گنڀيرتا سان ڪوششون ڪن ته اھي عملي طرح  عوام جي ڀلائيءَ لاءِ فائدي وارا به بڻجي وڃن.

ساڳي وقت، اسان جو عوام کي به عرض آھي ته ڪيترا ماڻھو بي روزگاريءَ ڪارڻ آپگھات ڪن ٿا. تنهنڪري عوام کي گهرجي ته پرائيويٽ ڪاروبار ڪري پاڻ کي مالي طور بھتر بڻائين ڇاڪاڻ ته دنيا جو ھاڻي ڪو اھڙو ملڪ ڪونھي جتي رڳو سرڪار نوڪرين تي گذر سفر ڪرڻو پوي، پرائيويٽ ادارا به ھلائي سگهجن ٿا ۽ اھڙي ريت عوام جو آپگهات گھڻو گهٽجي ويندو جنھن ۾ عوام جو فائدو سمايل ھوندو.

مون ته پنھنجن ڪالمن ۾ ڪيترا سال سنڌ جي عوام کي صلاح ڏني آھي ته ھو سماجي ڀلائيءَ وارا مناسب ادارا ٺاھن جن جو سياست سان واسطو ڪونه ھجي ته بھتر ڇاڪاڻ ته اسان وٽ سياسي ادارا سياسي فائدا حاصل ڪرڻ کي مکيه اھميت ڏيندا رھندا آھن يعني عام ڀلائي انھن جي اڳيان گهٽ اھميت واري ھوندي آھي.

جيئن ته اسان وٽ عوامي ڀلائي وارا مناسب پرائيويٽ ادارا ڪونه آھن سو سنڌ سرڪار کي گهرجي ته پنھنجو اھم ۽ مناسب حصو ترت ادا ڪري. اھو ٻڌائڻ ۾ به ڪو عيب ڪونھي ته سنڌ سرڪار آڏو ڪيترا اھم مسئلا به آھن . وفاقي سرڪار جون سنڌ سان زيادتيون کوڙ آھن جھڙوڪ سنڌ کي سندس پاڻيءَ جو جائز حصو ڪونه ٿو ملي سو سنڌ سان مختلف شعبن ۾ سڌي يا اڻ سڌري ريت کوڙ ڌانڌليون ٿينديون رھنديون آھن ۽ سنڌ جو عوام به سڌي يا اڻ سڌي ريت ڀوڳيندو رھندو آھي.

اھا به سچائي آھي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پوڻن چئن ورھين جي دور ۾ سنڌ سرڪار جا جائز حصا جيڪي اربين رپيا ھئا پر عمران خان سرڪار مڪمل رقم ادا ڪونه ڪئي، اھڙي ريت سنڌ کي مالي طور گهڻي تڪليف ٿي ھئي. اھا سچائي نوٽ ڪرڻ جي آھي. فيسبوڪ تي مون ڪيترا ڀيرا نوٽ ڪيو ته عمران سرڪار طرفان اربين رپيا سنڌ کي نه ملڻ تي، ڪيترا ”سنڌ جا ٺيڪيدار“ بيانن ذريعي خوشيءَ ۾ ڊانسون ڪندا ھئا. منھنجو کين چوڻ ھو ته سنڌ جا جائز پيسا وفاق کان سنڌ سرڪار کي ملڻ لاءِ ڀلي جدوجھد ڪريو پر جيڪڏھن سنڌ سرڪار ڪٿي گهٽ استعمال ڪري ٿي يا نٿي ڪري ته ڀلي ان تي جائز تنقيد ڪريو، سنڌ سرڪار تي جائز تنقيد ڪرڻ، عوام جو حق آھي، اسان کي ان تي اعتراض ڪونھي.

بھرحال، منھنجو سنڌ سرڪار کي عرض آھي ته سنڌ جي عوام جي ڀلائيءَ کي مکيه اھميت ڏيو ۽ عوام جي ڀلائيءَ وارن ادارن جي مدد ڪريو.اھو به خاص ڪري ڏسو ته ھو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪن ٿا يا نه. اھڙي ريت جائز ۽ وقتائتي مدد ڪرڻ سان عوام جا آپگهات گهٽجي ويندا ۽ عوام مالي طور سکيو ستابو به بڻجي سگهي ٿو. بھرحال، سنڌ سرڪار کي ٻيھر عرض آھي ته عوام جي اصلي ڀلائيءَ کي اھميت ڏيو ۽ عوام مان مايوسي گهٽايو جنھن ۾ سڄي سنڌ جي عوام توڙي سنڌ سرڪار جو فائدو سمايل ھوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.