سرهاڙي ۾ مبينا ڦر واردات جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثر ۽ الزام هيٺ آيل ڌر جو ڌار ڌار احتجاج

سرهاڙي ۾ گذريل ڏينهن مبينا طور ٿيل ڦر واردات جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثر ۽ الزام هيٺ آيل ڌر پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن نوابشاهه روڊ تي واقع ذاڪر جمالي جي دڪان تان مبينا طور ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف جمالي برادري جي سوين ماڻهن علي خان، سڪندر، زاهد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر بند ڪرائي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

ڌرڻي سبب شهدادپور-سانگھڙ روڊ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي جنهن سبب مسافرن کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.

سڙهاڙي پوليس ڌرڻي جي ٽن ڪلاڪن بعد متاثر دڪاندار ذاڪر جمالي جي فرياد تي بروهي برادري جي 4 ماڻهن تي ڪيس داخل هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين الزام هڻندي مطالبو ڪيو ته گذريل ڏينهن بروهي برادري جي ماڻهن ذاڪر جمالي جي دڪان تي ڀڃ ڊاهه ڪري روڪ رقم ڦري ڪئي، واردات ۾ ملوث سمورن جوابدارن گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻهن نظام الدين، خير الدين، عبداللطيف بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

هنن الزام هڻندي چيو ته جمالي برادري جي نوجوان شاهنواز جمالي سوشل ميڊيا تي ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهي اسان جي نينگر خلاف گٿا لفظ ۽ غلط پوسٽون رکيون آهن.

هنن چيو ته گذريل ڏينهن اسان شاهنواز جمالي جي دانهن سندس وڏڙن کي ڏيڻ وياسين ته حملو ڪري واپس موٽايو ويو جنهن بعد ڀڃ ڊاهه بعد ڦر جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو.

الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻهن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.