نوابشاهه: شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي ملازمن جو وي سي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي ملازمن پاران وي سي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملازمن ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن وٽرنري جي سڏ تي عبدالرحمان، عبدالطيف، عبدالجبار چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري يونيورسٽي جي وي سي فاروق حسين خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن الزام هڻندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وي سي فارو حسين يونيورسٽي ۾ مقامي ماڻهن بدران ٻاهرين جي صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهيو.

هنن چيو ته يونيورسٽي جو وي سي مقامي ملازمن کي نه ڪا ترقي ۽ نه ئي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

ملازمن مطالبو ڪيو ته شھيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي ڪرپٽ وي سي ڊاڪٽر فاروق کي ھٽائي سندس جاءِ تي فرض شناس آفيسر مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.