طيبا گل طرفان جاويد اقبال تي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) طيبا گل طرفان اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال خلاف جنسي هراساني الزامن جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت انڪوائري ڪميسن جوڙي ڇڏي.

ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انڪوائري ڪميشن جي چيئرپرسن رابعا جويريا آغا هوندي، هوءَ انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن به آهي.

انساني حقن بابت قومي ڪميشن سنڌ جو ميمبر انيس هارون انڪوائري ڪميشن جو رڪن هوندو، پنجاب ته مان نديم اشرف انڪوائري ڪميشن جو ميمبر هوندو.

پڌرائيءَ موجب انڪوائري ڪميشن جا ٽرمز آف ريفرنسز (ٽي او آرز) به طئي ڪيا ويا آهن، انڪوائري ڪميشن جنسي هراسگي، اختيارن جي غلط استعمال جي جاچ ڪندي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انڪوائري ڪميشن انتظامي انصاف جي عمل جي ڀڃڪڙي ڏسندي، ڪميشن ڪنهن شخص يا سرڪاري عهديدار تي تعزيرات پاڪستان تحت ڏوهه جو پتو لڳائيندي، ڪميشن ڪجهه آفيسرن جي وڊيو/آڊيو ڏيڻ ۽ ليڪ ڪرڻ جي طيبا گل جي الزامن جي جاچ ڪندي، انڪوائري ڪميشن ڪنهن شخص يا سرڪاري عهديدار تي ڏوهه ۾ مدد جي ذميواري جو پتو به لڳائيندي.

انڪوائري ڪميشن قانونن جي ڀڃڪڙي بابت ڪنهن شخص يا سرڪاري عهديدار تي ذميواري جو پتو لڳائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.