ماڻهن سمجهيو قيامت اچي وئي! آسمان تي گلابي روشنيءَ جو راز ڇا هو؟

ماڻهن سمجهيو قيامت اچي وئي! آسمان تي گلابي روشنيءَ جو راز ڇا هو؟

آسٽريليا جي هڪ علائقي ۾ اربع جي شام آسمان تي گلابي روشني ڏسي مقامي ماڻهن سمجهيو ته شايد قيامت اچي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب واقعي تي ٽامي سومووسڪي نالي هڪ عورت ٻڌايو ته مان رڳو هڪ پرسڪون ماءُ بڻجي ٻارن کي ٻڌائي رهي هيس ته پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي پر مان پاڻ گهٻرايل هيس ته ڇا ٿي رهيو آهي.

هڪ ٻي عورت جو چوڻ هو ته ائين لڳو ڄڻ دنيا ختم ٿيڻ واري آهي پر شروعاتي گهٻراهٽ باوجود مان لائٽ شو جي خوبصورتي سان متاثر ٿيس ۽ مون کي اهو منظر ڏاڍو وڻيو.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حقيقت ۾ اها اتر وڪٽوريا جي شهر ملڊورا ٻاهران ڀنگ جي فارم مان نڪرندڙ روشني هئي پر مقامي ماڻهن جو دماغ ٻئي پاسي هليو ويو.

فصل جي واڌ ويجهه ۾ مدد لاءِ ڳاڙهي رنگ جي روشنين جو استعمال ڪيو ويندو آهي، عام طور تي بليڪ آئوٽ بلائنڊ شام جي وقت هيٺ ايندا آهن.

دوائن لاءِ استعمال ٿيندڙ ڀنگ کي 2016 ۾ آسٽريليا ۾ قانوني حيثيت ڏني وئي هئي پر ان جي تفريحي استعمال تي پابندي آهي، هزارين نسخن کي آسٽريلوي ريگوليٽرز مختلف بيمارين لاءِ منظور ڪيو آهي.

آسٽريلوي صحت کاتي جي انگن اکرن موجب نسخن جو سڀ کان عام سبب دائمي سور، بي چيني ۽ ننڊ جي خرابي هئي، منظور ٿيل نسخن جو انگ 2019 کان ٻيڻو ٿي ويو آهي، درخواستن جي اڪثريت ڪوئنزلينڊ رياست مان ايندي آهي، 19-2018 ۾ 71151 ماڻهن تي چرس بابت ڏوهن لاءِ ڪيس هلايو ويو.

ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ چرس جي استعمال کي قانوني قرار ڏيندڙ ملڪن جي انگ ۾ مسلسل واڌ ٿي آهي.

سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن موجب آمريڪا ۾ تقريبن 38 رياستن ميڊيڪل چرس جي استعمال کي قانوني حيثيت ڏني آهي ۽ 2019 ۾ آمريڪا ۾ تقريبن 48 ملين ماڻهن ان دوا جو استعمال ڪيو.

اها دوا فرانس، بيلجيئم ۽ آئرلينڊ سميت يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن توڙي نيوزيلينڊ ۾ ڪجهه طبي حالتن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ به دستياب آهي، ڪينيڊا ۽ ڪجهه ملڪن ۾ ڀنگ جو تفريحي استعمال به قانوني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.