راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ اهم ڪمانڊر زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي 2 آپريشن ڪيا.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ هاءِ ويليو دهشتگرد ڪمانڊر زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگرد ڪمانڊر سان گڏ ٽي ٻيا دهشتگرد به گرفتار ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻئي آپريشن ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، بم گولا ۽ آءِ اي ڊيز هٿ ڪيون ويون، مارجي ويل ۽ پڪڙيل سمورن دهشتگردن جو واسطو حافظ گل بهادر ٽولي سان هيو.
آءِ ايس پي آر موجب هي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن، ڀتي خوري ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.