انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ سُٺي خبر، ڪمپني طرفان ريلز ۾ تبديلي جو اعلان

ميٽا طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته تمام جلد انسٽاگرام تي ريليز/مختصر ويڊيوز ٺاهڻ لاءِ تصويرن کي ريمڪس ڪرڻ وارو فيچر پڻ پيش ڪيو ويندو .

ڄاڻايل فيچر تحت واهپيدارن ريلز ٺاهڻ لاءِ پنهنجون تصويرون به انسٽاگرام ويڊيوز جيان استعمال ڪري سگهندا.

فيچر لاءِ واهپيدارن کي انسٽاگرام تي شئير ڪيل پنهنجي تصويرن کي ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ هو رڳو چونڊ ڪيل تصوير کي سليڪٽ ڪندا ۽ سندن تصويرون ريليز مڪسنگ جو حصو بڻجي وينديون.

انسٽاگرام تي ڄاڻايل فيچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف ٽيمپليٽس پڻ پيش ڪياويندا، جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجون تصويرن کي ٻين ويڊيوز يا تصويرن سان گڏ ريمڪس به ڪري سگهندا.

رڳو اهو ئي نه انسٽاگرام تي وڌيڪ موسيقي ۽ آڊيو مڪسنگ وارن فيچرز کانسواءِ ڪيمرا جي ڪوالٽي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.