عمران خان ملڪ کي سريلنڪا بڻائڻ جو نعرو هڻي رهيو آهي: احسن اقبال

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم طور آئين ٽوڙيو، هو پنهنجي لاءِ سزا به تجويز ڪري، هاڻ ڪهڙي منهن سان بورس جانسن جا حوالا ڏئي رهيو آهي؟

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته نيٺ فنڊنگ ڪنهن جي ايجنڊا تي ايندي آهي؟ عمران خان ڏڦيڙ جي سياست ڪري رهيو آهي، عمران خان ملڪ کي سريلنڪا بڻائڻ جو نعرو هڻي رهيو آهي، هي ڪروڙ ڊالرن جي پابندي پيل فنڊنگ سان سوشل ميڊيا ذريعي چونڊ عمل هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ايجنڊا تي آهي.

هن چيو ته ن ليگ ۽ اتحادي پارٽين خراب معاشي حالتن ۾ هڪ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو، معيشت جي تباهي جو ذميوار عمران خان آهي، هن اسان جي اچڻ کان اڳ معيشت کي ڪنگال ڪري ڇڏيو هو.

سندس چوڻ هو ته اڄ ڪهڙي منهن سان عمران خان معيشت تي ڳالهائي رهيو آهي، عمران خان ڪهڙي منهن سان عوام آڏو مهانگائي جو پٽڻو ٿو پٽي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.