”چوڌري شجاعت عمران خان جو ساٿ ڏئي ته باضمير، آصف زرداري جو ساٿ ڏئي ته غلط“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته چوڌري شجاعت حسين جيڪڏهن عمران خان جو ساٿ ڏئي ته باضمير ۽ جيڪڏهن آصف زرداري جو ساٿ ڏئي ته غلط آهي.

هڪ بيان ۾ سيد ناصر شاهه چيو ته شيخ رشيد سڄي ڄمار ضمير فروشي جي سياست ڪئي پر پوءِ به الزام زرداري صاحب تي، اپوزيشن پارٽين جا سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ ووٽ رد قرار ڏنا وڃن ته ٺيڪ، جيڪڏهن پرويز الاهي جا ريجيڪٽ ٿيڻ ته غلط.

هن چيو ته عمران خان جي مرضي جي ابتڙ 20 ايم پي ايز جيڪڏهن پنجاب جي وڏي وزير کي ووٽ ڏين ته غلط ۽ نااهل، جيڪڏهن شجاعت جي مرضي خلاف پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ووٽ ڏين ته صحيح، ان صحيح ۽ غلط وچ ۾ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي، جيڪو قوم کي سمجهڻو آهي.

ناصر شاهه چيو ته ٻه پاڪستان هلي رهيا آهن، جنهن جو نتيجو هي قوم معاشي بدحالي ۽ غير يقيني صورت ۾ ڀوڳي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.