” منهنجي پارٽي، منهنجي مرضي، چوڌري شجاعت “

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ٿيل اجلاس عوام سميت شوبز شخصيتن جي ڌيان جو به مرڪز بڻيل رهيو جنهن تي ستارن طرفان دلچسپ ردعمل سامهون اچي رهيا آهن.

پنهنجي ردعمل پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ڪيئي ناليواري شخصيتن ملڪي سياسي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

اداڪار ايمن خان پنهنجي انسٽا اسٽوري ۾ خانگي نيوز چئنل جي ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته هي پاڪستان لاءِ افسوس جوڳو ڏينهن آهي، الله اسان جي ملڪ کي محفوظ رکي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Shazia Anwar (@shaziaanwarahmed9999)

راڳي فرحان سعيد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته حيرت جوڳي ۽ برداشت کان ٻاهر ڳالهه، قوم جي فيصلي کي هر هر ڪيئن چئلينج ڪري سگهن ٿا، اها سياست ناهي جيڪڏهن ڪير ان تي فخر ڪري رهيو آهي.

فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن جي ليکاري خليل الرحمان قمر چيو ته عوام جي ووٽ جي ڪا به اهميت ناهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)

اداڪار مايا علي چوڌري شجاعت جو بيان کي کل جوڳو قرار ڏنو جڏهن ته اداڪارا زارا نور عباس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي بهادر ترين قرار ڏئي ڇڏيو .

اداڪار احسن محسن اڪرام پنهنجي پوسٽ ۾ سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته جنهن نموني عمران خان وقت رات جو ٻارنهين وڳي عدالتون کليون هيون اهڙي طرح هاڻ به کوليون وڃن.

فيروز خان سپريم ڪورٽ مان اميد ظاهر ڪندي چيو ته سموريون نظرون هاڻ سپريم ڪورٽ ڏانهن آهن.

ان کانسواءِ  عمران خان جي سدائين مخالف ڪرڻ سبب خبرن ۾ رهندڙ اداڪار عفت عمر هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ” منهنجي پارٽي، منهنجي مرضي“ چوڌري شجاعت“

هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ عفت عمر مريم نواز کي واڌايون ڏيندي لکيو ته سازش جعلي خط کان شروع ٿيندڙ راند اصلي خط تي ختم ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.