آءِ ڪيپ پاران ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ تي سيمينار

 

انسٽي ٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽس آف پاڪستان (ICAP) جي اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊ بورڊ (ASB) سدرن ريجنل ڪاميٽي جي سهڪار سان (ICAP) هيڊ آفيس ڪراچي ۾ ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ تي سيمينار ڪوٺايو ويو.

سدرن ريجنل ڪاميٽي جي چيئرمين اساما راشد مقررن ، معززن ۽ مهمانن کي آجيان ڪئي.

هن (ICAP) جي ميمبرن جي پيشيواراڻي ترقي ۾ (ICAP) جي علائقائي ڪاميٽين جي ڪردار ۽ اهميت تي روشني وڌي.

سندس چوڻ هو ته ويجهي ڪجهه سالن ۾ ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ عالمي سطح تي خاص اهميت حاصل ڪئي آهي، ڪاروباري ادارن بهتر ڪارپوريٽ ساک، واهپيدارن جي اعتبار ۾ اضافي، جدت طرازي ايستائين جو رسڪ مينجمينٽ ۾ بهتري جي صورت ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ مان فائدو ورتو آهي.

چيئرپرسن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڊاڪٽر شمشاد اختر خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي خطرا ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ کي اڳتي آندو آهي، ڪاروباري ادارن کي ترقي ڪرڻي پوندي، ماحولياتي معيارن کي نافذ ڪرڻو پوندو ۽ گرين فنانشل رپورٽنگ کي وڌائڻو پوندو، پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر لاءِ ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ کي اپنائڻ ضروري آهي ڇو ته اهو عالمي ميدان ۾ بقا لاءِ ضروري آهي.

ايف سي اي چيئرمين اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊ بورڊ فرخ رحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته چارٽرڊ اڪائونٽس ڪاروباري شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اهي رپورٽنگ، شفافيت ، اخلاقيات ، قانوني تعميل ، اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهه ٻولهه ۽ وسيلن جي درست استعمال ويجهي طور تي شامل آهن.

هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته مالياتي ۽ ڀرپور رپورٽنگ ٻئي معلومات اڄ جي سيڙپڪارن، ريگيوليٽرز۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي ضرورت کي پورو ڪن ٿيون.

ن سيمينار ۾ انٽرنيشنل سسٽين ايبلٽي اسٽينڊرڊ بورڊ جي جاري ڪيل  IFRS سسٽين ايبلٽي ڊسڪلوزر اسٽينڊرڊ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

پينل ڊسڪشن ۾ موجوده ESG رپورٽنگ لينڊ اسڪيپ، ISSB جي تجويزن جو عملي اطلاق ۽ ڀرپور ۽ پايئدار رپورٽنگ ۾ اڪائونٽس جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

ان سيمينار ذريعي شرڪت ڪندڙ صنعت جي اهم ماهرن ۽ ڪاروباري ۽ پيشيور ماڻهن کي پختي ۽ پائيدار رپورٽنگ جي معيارن تي ISSB جي جاري ڪيل مسودي تي ڳالهه ٻولهه، بحث ڪرڻ ۽ عملي حل ڳولهڻ لاءِ عمده پليٽ فارم ميسر آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.