اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جي خبرن تي آءِ ايس پي آر اهم بيان ڏئي ڇڏيو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)  حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ”نرم مداخلت“ ذريعي جلد ڳالهيون شروع ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ امڪاني طور آڪٽوبر ۾ عام چونڊون ٿيڻ جي خبرن تي پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) جو ردعمل اچي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ملٽري ليڊر شپ جي سياسي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي شروعات ۽ دلچسپي جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته موجوده سياسي ۽ معاشي استحڪام کي ڏسندي اسٽيبلشمينٽ ماضي جيان سياستدانن کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي پر ان حوالي سان حتمي فيصلو سياستدانن کي ئي ڪرڻو آهي.

ذريعن جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي غير مشروط مداخلت کانپوءِ ڌرين ۾ جلد ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ آڪٽوبر ۾ عام چونڊن جا امڪان واضح ٿيڻ لڳا آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر انهن خبرن تي ردعمل ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا کي درخواست ڪئي آهي ته انهن معاملن ۾ فوج جي امڪاني ظاهري يا باطني مداخلت جي افواهن کان پاسو ڪيو وڃي.

ذريعن اهو به چيو هو ته 25 مئي تي عمران خان جي اسلام آباد مارچ دوران به اسٽيبلشمينٽ سياستدانن کي ڳالهين لاءِ راضي ڪيو هو پر بدقسمتي سان ان وقت هاڪاري ڳالهيون نه ٿي سگهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.