پاناما ليڪس جي مک ڪردار جا روس بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

پاناما پيپرز ذريعي عالمي سطح تي وڏا فراڊ ۽ ٽئڪس چورين کي وائکو ڪندڙ همراهه چيو آهي ته روس کي قتل ڪرڻ چاهي پيو.

پرڏيهي خابرو اداري سان جان ڊو جي فرضي نالي سان ڳالهائيندي پاناما پيپرز ليڪ ڪرڻ واري مک ڪردار چيو آهي ته وٽس اعليٰ روسي اختيارين ۽ يوڪرين جنگ ۾ کين مالي مدد ڏيڻ وارن اتحادين جي مالي بي ظابطگين جا ثبوت موجود آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ جان ڊو چيو ته روسي حڪومت ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪي آهي ته هو کيس قتل ڪرڻ گهري پئي تنهن ڪري اڃا به حياتي کي خطرو آهي ۽ هر وقت موت جي ڊپ ۾ جيئندو آهيان.

جان ڊو چيو ته آمريڪا لاءِ والاديمير پيوٽن، ۽ سندس دوستن جون بي نامي ڪمپنيون، هٽلر جي مقابلي تمام وڏو خطرو آهن.

هن چيوته بي نامي ڪمپنيون روسي فوج کي فنڊنگ ڪنديون آهن ته جيئن هو معصوم شهرين کي ماري سگهن، اڄڪلهه يوڪرين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو توهان جي آڏو آهي جتي پيوٽن جا فوجي شاپنگ سينٽرز تي ميزائل حملا ڪري رهيا آهن.

مالٽا ۽ سلواڪيا جي تحقيقي صحافين جي قتل وارن واقعن جو حوالو ڏيندي جان ڊو جو چوڻ هو ته في الحال سندن گمنامي کان ٻاهر اچڻ جو ڪو ارداو ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس حياتي کي اڃا به خطرو آهي.

هن چيو ته پاناما پيپرز انڪشافن ۾ ڪيئي عالمي ڏوهاري تنظيمن جي مالياتي رڪارڊ به ظاهر ٿيا هئا جن ۾ ڪجهه تنظيمن جو حڪومتن سان لاڳاپن جو انڪشاف پڻ ٿيو هو، انڪري اهو سمجهڻ گهڻو ڏکيو ناهي ته پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ پاڻ لاءِ ڪيترو محفوظ ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.