سون کي پَر لڳي ويا، وڏي واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه واڌ جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 900 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 46 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 772 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 25 هزار 429 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 4 ڊالر وڌڻ کانپوءِ 1728 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.