استادن جي جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ وزير گرفتار، ويجهي ساٿي وٽان 20 ڪروڙ هٿ

ڪلڪتو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جاچ اداري انفورسمنٽ ڊائريڪٽوريٽ اولهه بنگال جي وزير پارٿا چٽرجي کي استادن جي جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب نڊسٽريز اينڊ ڪامرس جي وزير پارٿا چٽرجي کي جمعي ڏينهن 26 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڊگهي پڇاڳاڇا کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي.

انفورسمنٽ ڊائريڪٽوريٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته پارٿا چٽرجي جاچ ۾ اداري سان سهڪار نه پيو ڪري جنهن ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، وزير کي اڄ ئي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو .

ميڊيا رپورٽن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪلڪتي مان پارٿا چٽرجي جي ويجهي ساٿي ارپتا مکرجي کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن وٽان 20 ڪروڙ رُپين جي رقم پڻ هٿ آئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.