اهم ترين پاڪستاني عورت کي مڙس قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ پاڪستاني ڄائي فوٽو گرافر ثانيه خان کي سندس مڙس راحيل احمد فائرنگ ڪري قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو اطلاع ملندي فوري طور ثانيه جي رهائشگاهه تي پهتاسين جتي گهر جو دروازي تي ثانيه جو لاش پيو هو ۽ کيس مٿي ۾ گولي لڳل هئي .

پوليس موجب گهر جي ٻئي ڪمري ۾ ڪنهن همراهه جي رڙين جو آواز اچي رهيو هو، جيڪو ثانيه جو مڙس هو جيڪو زخمي حالت ۾ هو جنهن کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو .

ميڊيا رپورٽن موجب پوليس کي ڪمري مان آپگهات کان اڳ لکيل خط پڻ مليو آهي.

ٻئي پاسي ثانيه جي قاتل مڙس راحيل خان جي گهرڀاتين موجب هو ٽن ڏينهن کان گم هو ۽ پنهنجي شادي جي ناڪامي تي ذهني مسئلن جو شڪار ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.