ٻي ٽيسٽ: شاهين آفريدي جي جاءِ تي اسپنر نعمان علي قومي ٽيم ۾ شامل

 

گال (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ ٻن فاسٽ بالرن سان ميدان ۾ لهنداسين، شاهين آفريدي جي جاءِ تي اسپنر نعمان علي کي کيڏائي رهيا آهيون.

سريلنڪا خلاف سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ بابر اعظم چيو ته اسان مختلف ڪنڊيشنز ۾ هدف حاصل ڪري رهيا آهيون، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي ۽ اسان اهو ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪو ڪير نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته سٺي ڳالهه آهي جو رانديگر رڪارڊن ڏانهن وڃي رهيا آهن، آرام ڪرڻ سان رانديگر رليڪس ٿيا آهن، جيڪو تمام ضروري آهي، دٻاءَ واري ميچ کانپوءِ آرام ڪرڻ ضروري هوندو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ سڀاڻي کان گال ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان کي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.