ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برسات جي اڳڪٿي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ سڀاڻي کان تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ان دوران تيز هوائون به گهلي سگهن ٿيون.

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب چوماسي جو سسٽم اڄ راجسٿان رستي سنڌ ۾ داخل ٿيندو، ڪراچي ۾ اڄ هلڪي کان وچولي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهندو، جڏهن ته شهر ۾ سڀاڻي صبح 10 وڳي کان تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪڏهن 2 کان 3 ڪلاڪ برسات پئي ته 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ٽئين اسپيل دوران 130 کان 150 ملي ميٽر برسات جو به امڪان آهي.

چيف ميٽرولاجسٽ ٻڌايو ته عربي سمنڊ ۾ گِهم سبب سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ برساتن جي شدت وڌيڪ رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.