پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ چوڌري شجاعت جو انتهائي اهم بيان اچي ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ پهريون بيان سامهون اچي ويو.

ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي منهنجو اميدوار هو، آهي ۽ رهندو پر پي ٽي آءِ جو اميدوار نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته مان تنقيد ڪندڙن جي حمايت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ ادارن سان 30 سالن کان لاڳاپا رهيا آهن، ادارن سبب پاڪستان ۾ استحڪام آهي.

سندس چوڻ هو ته سڀني جماعتن جا ليڊر پنهنجا ذاتي مفاد پاسي تي رکي ملڪ کي وڌيڪ بحرانن جو شڪار ٿيڻ نه ڏين، سياسي مخالفت کي ذاتي مخالفت بڻائي غلط مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪن.

چوڌري شجاعت حسين چيو ته جنهن کي به اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ملي اهو سياسي مخالفن وٽ وڃي، ملڪ جي بهتر مفاد لاءِ گڏجي مشاورت سان اڳتي وڌجي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.