ايران ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 18 ڄڻا فوت، ڪيئي گم

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي ڏاکڻي صوبي فارس ۾ ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي مچائي ڇڏي، جنهن نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا فوت ۽ ڪيئي بي گهر ٿي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب طوفاني برساتن سبب پيدا ٿيندڙ ٻوڏ وهڪرن فارس جي شهر استهبان ۾ وڏي تباهي مچائي، ڏڪار سبب متاثر صوبي ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.

فارس صوبي جي گورنر موجب امدادي ٽيمون ٻوڏ صورتحال ۾ ڦاٿل 55 شهرين کي محفوط هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.

هوڏانهن ايراني موسميات کاتي سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.