صحت : ڪورونا جا مريض چڱا ڀلا ٿيڻ بعد وري هنن موتمار بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا

جيڪي ماڻهو ڪووڊ 19 سبب متاثر ٿيندا آهن منجهن بيماري مان صحتيابي کانپوءِ شوگر ۽ دل جي شريانن سان جڙيل بيمارين جي تصديق جو خطرو انتهائي وڌيڪ هوندو آهي.

جرنل پلوس ميڊيسين ۾ ڇپيل ڪنگز ڪاليج لنڊن جي نئين تحقيق ۾ اهو دريافت ڪيو ويو آهي ته ڪووڊ سبب متاثر مريضن ۾ دل ۽ رت جي گردشي مسئلن جهڙوڪ دل جي ڌڙڪن ۾ بي ترتيبي ۽ ڦڦڙن ۾ بلڊ ڪلاٽس جو خطرو صحت مند ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 6 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.

اهڙي نموني بيماري جي هڪ مهيني کانپوءِ شوگر جو خطرو 80 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

تحقيق ۾ شامل ماهرن برطانيا سان تعلق رکڻ وارن چئن لکن کان وڌيڪ مريضن جي طبي رڪارڊ جي ڊيٽا گڏ ڪئي ۽ ان جي ڀيٽ ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ وارن چئن لک ماڻهن سان ڪيو.

طبي ماهرن ٻڌايو ته رڪارڊ ۾ ڏٺو ويو ته ڪووڊ کي شڪست ڏيندڙ 12 مهينن کانپوءِ مريضن جي دل جي شريانن سان جڙيل بيمارين يا شوگر جي ڪيسز جي شرح ڇا هئي.

تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دل جي شريانن سان جڙيل بيمارين جو خطرو ڪووڊ جي تصديق جي ستن هفتن کان پوءِ معمول جي سطح تي اچي ويندو آهي.

پر جيستائين شوگر جي ڳالهه آهي ته ڪووڊ جي بيماري ۾ هن بيماري جو خطرو لڳ ڀڳ 6 مهينن تائين برقرار رهندو آهي.

ماهرن موجب نتيجا انتهائي اهم آهن ڇاڪاڻ ته ان ذريعي ڊاڪٽرن کي مريضن پيش خطرن کان آگاهي ٿيندي، خاص طور اهو مريض کي ٻڌائي سگهندو ته ايندڙ ڪجهه مهينن دوران خوراڪ ۽ جسماني سرگرمين سبب شوگر جو خطرو ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو .

هن چيو ته جيتوڻيڪ ڪووڊ سبب عضون ۽ رت جي گردشي نظام کي سڌو سنئون نقصان پڻ پهچي سگهي ٿو، پر گهڻي قدر عنصرن مان به تحقيق جي نتيجن جي وضاحت ٿئي ٿي.

سندن چوڻ هو ته ڪووڊ جي شڪار ماڻهن جو وڌيڪ جسماني وزن، ۽ پهريان کان موجود طبي مسئلن کان مختلف خطرن ۾ واڌارو ايندو آهي.

هنن چيو ته ٿي سگهي ٿوته ڪووڊ جا ڪجهه مريض پهريان کان شوگر يا دل جي بيمارين جو شڪار هجن پر کين ڄاڻ نه هجي.

طبي ماهرن موجب ڪارڻ اڃا تائين مڪمل طور تي واضح ناهن پر اسان اهو مڃڻ آهي ته ڊاڪٽرن کي ڪووڊ جي مريضن ۾ شوگر ۽ دل جي شريانن سان جڙيل بيمارين جي حوالي سان محتاط رهڻ کپي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.