طبي ماهرن ڊپريشن جو اصل ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ڊپريشن جي بيماري دماغ ۾ ڪنهن ڪيميائي عدم توازن جو نتيجو ناهي.

ڪيئي ڏهاڪن کان اهو خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ماڻهو ڊپريشن جو شڪار انڪري ٿيندا آهن ڇاڪاڻ ته دماغ ۾ هڪ ڪيميڪل سيروٽونين جو توازن بگڙي ويندو آهي.

لنڊن ڪاليج يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ڊپريشن بابت ماضي ۾ ڪيل تحقيقي رپورٽن ۽ سمورن تفصيلن جو جائزو ورتو ويو.

ماليڪيولر سيائڪاٽري جرنل ۾ ڇپيل هن نئين تحقيق موجب ته هن تحقيقي ڪم ۾ هزارين ماڻهن ۾ ڊپريشن ۽ سيروٽونين سرگرمين وچ ۾ تعلق جو جائزو ورتو ويو هو.

تحقيق موجب اهڙا ڪي واضح ثبوت ناهن مليا ته سيروٽونين جي سطح يا هن ڪيميڪل جي سرگرميون ڊپريشن جو شڪار بڻائينديون آهن.

سيروٽونين اهڙو ڪيميڪل آهي جيڪو مزاج، ننڊ، هاضمي ۽ ٻين جسماني فعلن لاءِ انتهائي ڪارائتو ڪردار ادا ڪندو آهي.

ڪيئي ورهين کان سيروٽونين کي ڊپريشن جو بنيادي ڪارڻ مڃيو پئي ويو ۽ انڪري مريضن لاءِ سڪون واريون دوائون تجويز ڪيون وينديون هيون ته جيئن دماغ ۾ موجود ان ڪيميڪل جي سطح ۾ واڌارو اچي سگهي.

محققن ٻڌايو ته حاصل ٿيل نتيجن مان آرام ۽ دوائن جي استعمال جي حوالي سان ڪيئي سوال پيدا ٿين ٿا.

هنن چيو ته اسان هاڻي اهو چئي سگهون ٿا ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران ٿيل تحقيقي ڪم ۾ اهڙا قائل ڪندڙ ثبوت ناهن مليا ته دماغ ۾ ڪيميل جو عدم توازن ڊپريشن جو سبب بڻجندو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته گهڻي قدر ماڻهو آرام ڏيندڙ دوائون دماغي ڪيميڪل جو توازن بگڙجڻ جي خيال ڪري استعمال ڪندا آهن، پر نئين تحقيق ۾ اهو اشارو ملي ٿو ته ان ڏس ۾ ثبوت موجود ناهن، ها پر هي دوائون ڊپريشن وارين نشانين جي شدت ۾ گھٽتائي آڻي سگهن ٿيون پر سبب مختلف آهي.

محققن اهڙين تحقيقي رپورٽن جو جائزو پڻ ورتو جن ۾ڪجهه ماڻهن جي جسم ۾ سيروٽونين جي سطح کي مصنوعي طور تي گهٽايو ويو هو.

تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊپريشن جي بيماري ۽ زندگي جي ناڪاري واقعن وچ ۾ تعلق هئڻ جو امڪان وڌيڪ آهي.

تحقيق موجب زندگي ۾ ڇڪتاڻ سان ڀريل واقعن سبب ماڻهن ۾ ڊپريشن جو خطرو انتهائي حد تائين وڌي ويندو آهي، ڪنهن فرد کي زندگي ۾ جيترو وڌيڪ ناڪاري تجربو هوندو، منجهس ڊپريشن جو خطرو ايترو ئي گهڻو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.