مونس الاهي جا چوڌري شجاعت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي چوڌري شجاعت حسين کان پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مونس الاهي چيو ته چوڌري شجاعت سان خط بابت ڳالهائڻ ضروري هو، کائنس پڇا ڪئي ته توهان ڪو خط وغيرا لکيو آهي ڇا جنهن هن چيو ته خط لکيو آهي ۽ ان ۾ ڄاڻايو آهي ته ق ليگ وارا ڪنهن به ووٽ نه ڏيندا.

ق ليگ اڳواڻ چيو ته مون چوڌري شجاعت کي چيو ته توهان جي مرضي آهي ته پرويز الاهي به چونڊ نه کٽي، جنهن تي هن چيو ته پرويز الاهي وڏو وزير ڀلي ٿئي پر عمران خان طرفان وڏوزارت جو اميدوار نه بيهي.

مونس الاهي چيو ته چوڌري شجاعت تي ڪمري ۾ تمام وڏو دٻاءُ هو جنهن ڪري کيس معذرت ڪرڻي پئي انڪري مون به معذرت ڪئي ۽ سلام ورائي ٻاهر نڪري آيس.

هن وڌيڪ چيو ته چوڌري شجاعت ۽ چوڌري سالڪ سان هاڻي ڪو رابطو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.