جماعت اسلامي ٺٽو پاران چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

مڪلي(ن ع آ) جماعت اسلامي ٺٽو پاران بلدياتي اليڪشن اوچتو ھڪ مھينو پوئتي ھٽائڻ واري فيصلي خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو اليڪشن ڪميشن افيس مڪلي سامھون مڪلي/غلام الله روڊ تي جماعت اسلامي ٺٽو جي اڳواڻن غلام شفيع سمون، عبدالله آدم گندرو، عبدالمجيد سمون، محمد علي خٽڪ، محرم خاصخيلي، غلام حيدر شورو جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ جماعت جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ٺٽو جي اڳواڻن چيو تہ ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي پوزيشن مضبوط ٿيڻ توڙي ڪراچي جي ميئر شپ حاصل ڪرڻ جي خوف کان خوفزده ٿي بلدياتي اليڪشن کي ھڪ مھيني لاء پوء ھٽايو ويو آھي، ھنن چيو تہ ھڪ طرف پ پ پ جي سنڌ حڪومت سنڌ اندر تعمير ۽ ترقي سميت رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جون وڏيون دعوائون ٿي ڪري تہ ٻئي پاسي برساتن پوڻ ڪري ڪراچي سميت مختلف وڏن شھرن جا علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ ڪري شھرين کي ٻاھر ڪڍڻ توڙي کين ايندڙ مشڪلاتن ۾ مشڪل بڻجڻ جو عذر ٿي ڏيکاري. ھنن چيو تہ اسان وڏا خرچ ڪري اليڪشن ۾ پنھنجا اميدوار بيھاريا آھن تہ مٿان وري اليڪشن ڪميشن بلدياتي اليڪشن کي ھڪ مھينو ھٽائڻ وارو فيصلو ڪري ساڻن وڏي ناانصافي ڪئي آھي. ھنن گھر ڪئي تہ بلدياتي اليڪشن مقرر تاريخ تي ڪرائي جماعت اسلامي سميت آزاد اميدوارن ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف حيدرآباد ۾ ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) جماعت اسلامي حيدرآباد پاران مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وحيد قريشي ۽ عقيل خانزادي ۽ ٻين چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت جي ڳٺجوڙ سان سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرايون ويون آهن، جيڪا عوام سان وڏي مذاق آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن نٿا چاهين ته عوام ووٽ جو حق استعمال ڪري پنهنجا نمائندا چونڊي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت کي شڪست نظر اچي رهي هئي، ان ڪري هنن بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرايون آهن.

پ پ اميدوار بدنظمي ڪرائي ۽ نقصان پيو پهچائي : ٻولهاڙي جا اميدوار

ڪوٽڙي(ن ع آ )پ پ پ اميدوار جا حمايتي شر پسندي وارو ڪم پيا ڪن نقصان ٿي سگهي ٿو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي رمضان پنهور مٿان اسان جي وارڊ ۾ پابندي لڳائي وڃي ٻي صورت ۾ ذميوار پاڻ هوندو اهڙو اظهار ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي وارڊ نمبر 9 جي نامزد اميدوارن سڪندر علي چوهاڻ، مختيار علي چنا حاجي واحد بخش چوهاڻ، امام بخش چوهاڻ ايس يو پي اميدوار طارق جانوري، ڄامشورو اتحاد جي اميدوار عباس چوھاڻ، پي ٽي آئي اميدوار علي خان بلوچ ۽ آزاد اميدوار محمد خان چوھاڻ، امام بخش چوهاڻ، معشوق علي چوهاڻ ۽ ٻين ڄامشورو پريس ڪلب تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته   ليديز جي ڪارنر گڏجاڻي دوران مخالف پي پي اميدوار پاران غير لاڳيپل ماڻهو وٺي بدنظمي پيدا ڪئي جنهن سان نقصان ٿي سگهيو پئي هنن  الزام هنيو آهي  ته پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل، اي ڊي چوهاڻ، ڪي ايس او جو صدر محمد رمضان پنھور، رياض چوهاڻ، ۽ ٻين اڻ لاڳاپيل ماڻهو وٺي، ڪارنر گڏجاڻي ۾ هنگامو ڀرپا ڪري جهيڙو ڪرائڻ جو ڪوشش ڪئي، جنهن سان وارڊ نمبر 9 جو پرامن ماحول خراب ٿي سگهي ٿو، هنن چيو سڄي عمل ۾ رمضان پنھور جو مک ڪردار رهيو آهي، جنهن جو اسان جي وارڊ سان ڪو به تعلق ناهي، هي ٻاهران اچي برادرين کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪري پيو تنهن ڪري اسان ضلعي مان رٽرننگ آفيسر، ۽ ڊي آرو، ۽ آرو کي  اپيل ٿا ڪيون ته بلدياتي اليڪشن جي ضابطه اختلاف تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي جڏهن ته وارڊ نمبر ۾ رمضان پنھور نالي غير لاڳاپيل ماڻهو جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.