ڏوڪري ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ تان حملو، 3 ڄڻا زخمي

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ رحيم بخش ماڇي ۾ ڳوٺاڻا برساتي پاڻي نيڪال ڪري رهيا هئا ته 8 نامعلوم ماڻهن ڪهاڙين ۽ لٺين سان ماڇي برادري جي ماڻهن مٿان حملو ڪيو، حملي ۾ گلشير ماڇي، اعجاز ماڇي، جمشير ماڇي ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڏوڪري اسپتال مان طبي امداد بعد لاڙڪاڻي نيو ويو آهي. هوڏانهن ڏوڪري ٿاڻي واقعي جو اين سي داخل ڪئي وئي. پوليس اين سي داخل ٿيڻ بعد جوابدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آخري اطلاعن تائين ڪونه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن زخمي ٿيل گلشير ماڇي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مٿان بي گناھ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي هن ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي اي پي ڏوڪري، ايس ايڇ او ڏوڪري کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.