ميانمار ۾ 5.3 ۽ 6.1 درجي جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

ينگون (اي پي پي ) ميانمار جي اوڀر پاسي رياست شان ۾ زلزلي جا ٻه مختلف لوڏا محسوس ڪيا ويا،  انهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.3 ۽ 6.1 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي .ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي  چيني خابرو اداري موجب موسمياتي کاتي موجب هائيڊرولوجي (ڊي ايم ايڇ ) ٻڌايو ته ميانمار ۾ گذريل رات پهريون زلزلو رياست شان جي علائقي ڪينگ تونگ ۾ 32 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي اوڀر ۽ اتر پاسي آيو ان جي گهيرائي 6 ڪلو ميٽر هئي جڏهن ته ٻيون زلزلو زن جي ٿوري دير بعد آيو جنهن جي شدت 6.1 ريڪارد ڪئي وئي زلزلي جي اونهائي 8 ڪلو ميٽر هئي . زلزلي سبب ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.