سول اسپتال خيرپور مان گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ

خيرپور( س ر ) هڪ هفتو اڳ ڳوٺ پير منڱيو جو رهواسي 6 سالا نينگر محمد اسمائيل پٽ محمد عمر ڪلهوڙو پنهنجي وارثن سان سول اسپتال خيرپور آيو هو جنهن بعد هو اسپتال مان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو ، هڪ هفتي کان پوءِ نينگر جو لاش ووڻن جي فصل مان هٿ آيو آهي ، جڏهن ته نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ، بيگناهه اسان جي نينگر کي قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي جاچ ڪري  اسان سان انصاف ڪيو وڃي ، جڏهن ته فوتي نينگر جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ پير منڱيو پهچڻ تي  سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ، نينگر جي امڙ کي لاش ڏسڻ کان پوءِ بيهوشيءَ جا دورا پهجي ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.