قمبر ۾ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، 9 ڄڻا کنڀڻ جو الزام

قمبر ( رپورٽ : محمود شيخ ) قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا جي رهواسين جو قمبر سٽي پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو عورتن مردن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ساجد علي عباسي،امير علي عباسي،عبدالعني عباسي،مسمات حسنا خاتون ۽ جنت خاتون چيو ته پوليس بنا جواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي اسان نون ڄڻن مٺل مڱريو،دلدار،امين يامين، منور ۽ٻين کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي جڏهن ته سٽي پوليس ڪوبه ڏوھ يا ڪيس نه ٿي ٻڌائي هنن وڌيڪ چيو ته اسان نوجوان بي گناهه کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن انهن کي آزاد نه ڪيو ويو تہ قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.