حيدرآباد ۾ مختيارڪار جي گهر ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ اڳوڻي مختيار ڪار جي گهر ۾ قتل ٿيل پورهيت نوجوان عثمان سومرو جي وارثن قاتلن جي گرفتاري ۽ سندن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ سومرا برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي آدم سومرو، عزيز سومرو، گلزار سومرو، طيب سومرو ۽ ٻين چيو ته قاسم آباد جي اڳوڻي مختيار ڪار جي گهر ۾ مالهي جو ڪم ڪندڙ پورهيت عثمان سومرو کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جا قاتل اڄ ڏينهن تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا. هنن چيو ته ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر سراج لاشاري رشوت عيوض قاتل ماجد خاصخيلي کي جاچ مان بري ڪري سومرا برادري جي 50 کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري چالان ڪيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو مقتول نوجوان عثمان سومرو جي واقعي جي ڪنهن ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي ملوث اصل جوابدار ماجد خاصخيلي ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سومرا برادري پاران مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.