ڪنڌرا واسڻ بيواهه جي سکر هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

سکر (رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سال 2017 ۾ ڪنڌرا لڳ قتل ٿيندڙ محمد علي سومرو جي بيواهه ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ وڪيل شبير علي بوزدار معرفت اپيل داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ٽرائل ڪورٽ پاران انصاف نه ڪيو ويو ٻن شاهدن جي بيانن تي عدالت جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو جن خلاف ڪيس هلائي سزا ڏني وڃي. عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي درخواست جي ٻڌڻي مقرر ڪري ورتي، واضع رهي ته سال 2017 ۾ ڪنڌرا ۾ محمد علي سومرو جو قتل ٿيو هو جنهن جو ڪيس ڇهن جوابدارن نادر علي، گل محمد، ارشاد ٻرڙو، پيرن، رب ڏنو ۽ ارشد ٻرڙو  تي داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ 23 جون تي سکر جي ٽرائل ڪورٽ پاران جوابدارن کي باعزت بري ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.