گهوٽڪي ۾ بدامني، همراهه کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، هزارين رپيا ڦر

گهوٽڪي ( ڊ ر) گهوٽڪي ۾ بدامني نه رڪي ،گهوٽڪي شھر جي ڏنگڙو واھ وٽان عبدالعزيز گڏاڻي کان موٽر سائيڪل سوار ماڻھن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي پسٽلن جا قنداق ھڻي 25 ھزار ڦر ڪري فرار  ٿي ويا،گهوٽڪي جي سياسي سماجي اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن بدامني تي ضابطو نه ڪيو ويو ته عوام روڊن تي نڪري ايندو،هنن نئين آيل ايس ايس پي تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي گهوٽڪي جو امن امان واپس موٽائي ڏيو.نه ته ٻي صورت ۾ شهري روڊن تي نڪري ايندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.