لاڙڪاڻي جي واهن ۾ وهنجڻ تي 144 لاڳوهجڻ بعد عمل نه ٿيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال، گهاڙ واھ، آبڙي واھ سميت ٻين واهن توڙي شاخن ۾ وهنجڻ تي 144 قلم لاڳو هجڻ جي باوجود به ڪو عمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري شهر جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ ڪيترائي نوجوان ۽ ننڊي عمر جا نينگر رائيس ڪئنال، گهاڙ واھ، آبڙي واھ ۾ سرعام بغير ڪنهن خوف جي وهنجندي نظر اچن ٿا، جن کي روڪڻ لاءِ ضلعي انتظاميه توڙي لاڙڪاڻو پوليس ڪي به قدم ناهن کنيا، اهڙي صورتحال ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ شهرين الھه بچايو قاضي، اسلم لاشاري، ذوالفقار ڏيٿو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته ضلعي انتظاميه ۽ لاڙڪاڻو پوليس جي بي ڌياني سبب هر روز واهن ۽ شاخن مان نوجوانن جا لاش ملي رهيا آهن، جيڪي وهنجندي ٻڏي فوت ٿي وڃن ٿا، پر افسوس جو وهنجڻ تي 144 قلم لاڳو هجڻ جي باوجود به انتظاميه ان تي عمل ناهي ڪرائي سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تي پوليس اهلڪار يا ريسڪيو ٽيم کي مقرر ڪري انساني زندگيون بچايون وڃن. ياد رهي ته گذريل ڪجھ ڏينهن دوران رائيس ڪئنال مان ڪيترائي لاش هٿ ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.