سکر ۾ گهوٽڪي واسي جو گهرواري جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

سکر (رپورٽر ) گهوٽڪي جي رهواسي برڪت علي چوهاڻ گهرواري جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته هن سلمهٰ سان ڪجھه ڏينهن اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪجھه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ منهنجي گهرواري جو نانو فضل الرحمٰن ۽ چاچو ڪريم بخش کيس ملڻ آيا ۽ ان کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي ويا جنهن کانپوءِ هنن منهنجي گهرواري کي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي منهنجي گهر ناهن موڪلي رهيا جنهن جي اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏني آهي پر پوليس جوابدارن جي وانگار وهندي انهن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪري رهي، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهرواري کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.