کپرو ۾ بد امني جو آزار، دڪان جو شٽر ٽوڙي سامان چوري

کپرو(ن ع آ ) کپرو پوليس جي نااهلي سبب شھر ۾ هڪ دفعو وري چورين جي واداتن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو کپرو پوليس چورن کي گرفتار نه ڪري سگهي شھر ۾ چورين جي اضافي سبب دوڪاندار ٻڏتر جو شڪار شھر جي هٿونگو روڊ تي رات دير سان نامعلوم چورن گورڌن ڀيل جي ڪريانه دوڪان جو شٽل ٽوڙي دخل مان  50 هزار روپيه روڪ رقم چوري ڪري ويا کپرو پوليس ۽ چوڪيدار بي خبر رهيا جڏھن ته ڪل ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم ٻارن فريد جي دوڪان مان روڪ رقم ۽ موبائيل فون چوري ڪري ويا سي سي ٽي وي فوٽيج چوري جو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود کپرو پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي ٻئي طرف دوڪاندار گورڌن ڀيل ميڊيا کي ٻڌايو ته آئون صبح سوير دوڪان تي پهتس ته دروازو ٽٽل هو منهنجي دخل مان روڪ رقم 50 هزار روڪ رقم به کڻي ويا ان موقعي تي چوري جي واردات جو ٻڌي واپاري ايسوسيئشن جو صدر جاويد عالم قائم خاني ۽ ايگل اسڪوائڊ جو انچارج رسول بخش گجو به پهچي ويو ان موقعي تي واپاري ايسوسيئشن جي صدر جاويد عالم قائم خاني جو چوڻ هو ته کپرو شھر ۾ چوري جي وارداتن کي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس جو ڪم آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.