بلڙي شاهه ڪريم ۾گيسٽرو جا ڪلور،هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو

بلڙي شاهه ڪريم (رپورٽ:احسان علي انصاري ) بلڙي شاهه ڪريم جي يونين ڪائونسل ڏاڏون جي ڳوٺ حاجي راضي جماريءَ ۾ گيسٽرو تباھي مچائي ڇڏي. ھڪ ٻي حياتي به گيسٽرو ڳڙڪائي ويو. جڏھن تہ 30 سالا نوجوان امير بخش پٽ ڌڻي بخش جماري جيڪو گيسٽرو م وٺجي وڃڻ کان پوءِ وارثن پاران ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سيول اسپتال حيدرآباد ۾ زير علاج ڪيو ويو ھو. جنھن جمع جي شام 7 وڳي پنھنجو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو . لاش وارث حيدرآباد کان کڻائي پنھنجي آبائي ڳوٺ آندو جتي فوتي کي سوين اکين آلين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو واضع رھي تہ ساڳي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ معصوم نياڻي سائره ڌيءَ عبدالله جماري پڻ ڪالرا وگھي فوت ٿي چڪي آهي  خبرون ھلائڻ کانپوءِ صحت کاتو ٽنڊي محمد خان نوٽيس وٺندي ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ جي متاثرين ڏانھن رواني ڪري ڇڏي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.