برسات سبب جوهي جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي جي  يوسي ڪمال خان جي 20 کان وڌيڪ  ڳوٺن  گل بيگ جمالي , آڍو جمالي صالح جمالي مماڻي پنهور, ۽ ٻين ڳوٺن اندر تيز طوفان سان پوندڙ برسات سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪروڙين رپين جي ووئڻن جو فصل پاڻي هيٺ متاثرين ننڍن کاتيدارن  مولوي شاھنواز جمالي ,ڪامريڊ علي اڪبر جمالي  علي نواز جمالي ,امداد شورو,خميسو بوذدار ۽ ٻين برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ نقصان جي معاوضي جي ادائگي لاء پاڻي ۾ بيهي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقع تي متاثرين آبادگارن ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته حاليه برساتن تباهي مچائي ڇڏي آھي قسمت سان سالن کان  ٿيل ووڻن جي فصل ۾ برسات جي پاڻي ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آھي ايترو پاڻي آھي جو فصلن سان گڏ اسان  پورهيتن جا گهر ئي پاڻي ۾ ٻڏل آھن هنن چيو ته اسان ڪافي  واسطيدارن کي شڪايتون ڪيون ته پاڻي ڪڍرائڻ ۾ مدد ڪيو مگر چونڊيل نمائندن سميت ڊي سي دادو ۽ ٻين ڪنهن به مدد جي دانهن نه ورنائي هنن چيو ته وزير اعلي سنڌ اسان جي ڳوٺن کان سڏ پنڌ آھي مگر هن ڪڏنهن به لڙي تڪليف ناهي پڇي هنن چيو ته اسان سدائين پ پ کي ووٽ ڏئي يوسين کان ويندي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي تائين نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو آھي مگر ڪامياب ٿيڻ بعد اهي نمائنده نظر ئي نٿا اچن سواء اليڪشن ۾ ووٽن وٺڻ لاء آخر ۾ هنن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل صوبائي وزير سيڪريٽري کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته خدارا يوسي ڪمال جي ڳوٺ جي متاثرين ڳوٺن اندر ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي ازالو ڪري انصاف ڏياريو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.