عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي ڪاهه، گهر ڊاهي پٽ،متاثرن جو ڌرڻو

گلشن اقبال( ن ع آ) اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ سچل ٿاڻو پوليس ڊي ايس پي ناصر علي، ايس ايڇ او اورنگزيب خٽڪ جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏن اٽالن عبدالله شاهه غازي ڳوٺ E بلاڪ جي گهرن کي مسمار ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪئي ته ڳوٺ واسي عورتن، مردن اچي پوليس اهلڪارن سان سخت احتجاج ڪندي مزاحمت ڪئي جنهن تي پوليس واپس وڃڻ تي مجبور ٿي وئي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ  E بلاڪ کي مسمار ڪرڻ خلاف ٽئين ڏهاڙي به احتجاج ڪيو ويو ۽ احتجاجي ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي، رمضان گبول ،ڊاڪٽر الطاف ميمڻ،محمد عمران، قادر شاهاڻي سميت رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ قبضا مافيا ۽ پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مبارڪ ڀٽي، رمضان گبول،محمد عمران چيو ته اسان جي 100 گهرن تي مشتمل بلاڪ کي جبري طور مسمار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڊي سي ليز پڻ موجود آهي ۽ هائي ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهي جنهن جو اسٽي آرڊر به موجود آهي پر پوليس بلڊر مافيا خالد يوسفي ۽ مرتضي کوسو جي ونگار وهندي گهر ڊاهي غريب ماڻهن کي اجهن کان محروم ڪري رهي آهي جيڪو سراسر ڏاڍ آهي اسين پنهنجا گهر ڪنهن به ۾ مسمار ٿيڻ نه ڏينداسين چاهي ڪجهه به ٿي پوي هنن وڌيڪ چيو ته پوليس آفيسر چون ٿا ته اسين ڪنهن به عدالتي حڪم کي نه ٿا مڃون ۽ مٿان کان زرداري صاحب جو حڪم آهي ان ڪري هر صورت ۾ سمورا گهر ڊاهي پٽ ڪنداسين ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسان جي بلاڪ کي ڊاهڻ جو نوٽيس وٺي ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.