اڳوڻي سرڪار جي ڪري مهانگائي وڌي: رسول بخش چانڊيو

بُلڙي شاهه ڪريم ( ن ع آ) مُلڪ ۾ وڌندڙ مھنگائي جو سبب  اڳوڻي حڪومت جا ڪيل آئي ايم ايف سان غلط معاھدہ آھن اسان جي ڪوشش آھي تہ ملڪ کي  ڏکئي وقت مان ڪڍي ترقي طرف گامزن ڪيون .اھڙي خيالن جو اظهار وزير اعليٰ سنڌ جي صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو پنھنجي رھائشگاھ تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪيو هن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ جيڪو پاڻ کي ئي نہ بچائي سگھيو اھو وري چوي ٿو تہ آئون سنڌ مان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد ختم ڪري تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺاھيندس ھن چيو تہ نيازي ھاڻي مڪمل طور ناڪام ٿي ڪري بوکلائٽ جو شڪار بڻجي چڪو آهي انشاالله وطن عزيز کي تمام جلد ھن بحران مان ڪڍي عوام کي رليف پيڪيج فراھم ڪنداسين .ھن ٽنڊو محمد خان جي عوام لاءِ ھڪ خوشخبري ڏيندي چيو تہ تمام جلدي ٽنڊو محمد خان ٽنڊو غلام حيدر بلڙي شاهه ڪريم جي ھر اسٽاپ تي مفت  ايمرجنسي 1122 ايمبولنس ڏئي ھتي جي عوام کي رليف فراهم ڪنداسين .ھن چيو تہ مقاني چونڊون ملتوي ٿيڻ سان اميدوارن کي ڪا بہ مايوسي نہ وٺڻ گھرجي موسميات کاتي پاران ڏنل تيز برساتن واري آگاھي جي ڪري مقاني چونڊون ملتوي ڪرڻيون پئجي ويون ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڪافي ٻھراڙيءَ واري علائقن جون پولنگ اسٽيشنون ڪچي واري رستي جي علائقن ۾ قائم آھن جنھن ڪري مقاني چونڊن ۾ ڪافي عوام پنھنجو ووٽ ڪاسٽ نہ ڪرائي سگھي ھا جنھن ڪري اھو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پئجي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.