شهدادپور ۾ پورهيت کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ خلاف ڌرڻو

شھدادپور (ن ع آ ) شھدادپور ۾ ريلوي اسٽيشن لڳ اسلام آباد پاڙي ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان ٿيل  جھيڙي ۾ گوليون ھڻي زخمي  ڪيل شاھد بوداڻي واري معاملي خلاف بوداڻي برادري جي ماڻھن  جوابدارن جي گرفتاري لاء لطيف چوڪ کان پريس ڪلب تائين صوفي راڳي مانجھي فقير بوداڻي, زخمي ٿيل جي ڀاء اياز حسين بوداڻي,نياز بوداڻي, نبي بخش بوداڻي, محسن وساڻ  محمد حسين نربان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي  ان موقعي تي صوفي راڳي مانجھي فقير اياز حسين بوداڻي نياز حسين بوداڻي خطاب ڪندي چيو ته  شھر جي شريف ۽ عزتدار شخصيت شاغد بوداڻي مٿان ھڪ رات اڳ سندس اوطاق تي اچي قادر بخش رڏ , نبي بخش رڏ, خالد ڪلوئي ۽ ٻين حملو ڪري فائرنگ ڪري کيس گوليون ھڻي مرڻيگ ڪري دھشتگردي ڪئي آھي  زخمي حيدرآباد جي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيو آهي   احتجاج جي ڪال ڏيڻ کان پوء پوليس ھڪ جوابدار خالد ڪلوئي کي گرفتار ڪيو آهي  ٻيا مک جوابدار سرعام گھمي رھيا آهن ۽ کين ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن  پر پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي جوابدار ڌر بااثر ھجڻ ڪري پوليس کين گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھي آهي ۽ جوابدارن طرفان کين حراسان ڪيو پيو وڃي ھنن  سنڌ جي وزير اعلي سيد مراد علي شاھ, آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ, ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد خادم حسين رند, ايس ايس پي سانگھڙ ڊاڪٽر فرخ علي لنجار سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو  ته شاھد حسين بوداڻي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ  جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري  کين تحفظ ۽  انصاف فراھم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.