نصيرآباد ۾گهر جي مالڪي تان سئوٽن ۾جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

نصيرآباد (ن ع آ ) نصيرآباد لڳ ڳوٺ باغ لھٻر ڏيرا پوليس جي حد ۾ ٻن سئوٽن ۾ گھر جي مالڪي تان ٿيل جھيڙي ۾ڪھاڙيون لڳڻ جي ڪري محمد پريل جت شديد زخمي ٿيل جھيڙيندڙ جوابدارن زخمي جي گھر مان ٻـ پاڏا ۽ ھڪ ڀلوڙ وڇير زوري ھٿيارن جي زور تي چوري ڪري ڪاھي فرار ٿيا اھڙي ايف آء آر ڏيرا پوليس ٿاڻي تي ست ڏينھن اڳب داخل ڪرائڻ باوجود  ڏيرا پوليس جوابدارن خلاف ڪا بـ ڪاروائي نـ ڪري سگھي آھي ۽ نـ ئي جوابدارن کان چوپايو مال واپس ڪرائي سگھي آھي جوابدار سرعام پوليس جي سرپرستي ۾ آزاد گھمي رھيا آھن فريادي محمد پريل دانھيندي ٻڌايو تـ ھڪ پاڏو ۽ وڇير کي جواڀدارن گم ڪري ڇڏيو آھي ھڪ پاڏو صرف ظاھر ڪري پنھنجي گھر ۾ بيھاريو اٿن ڏيرا پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نـ آھي ھن چيو تـ ڏيرا پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي ھن چيو تـ جوابدارن منھنجي ڀاء حسين علي ۽ منھنجي جيجل امڙ۽ منھنجي ڀينرن کي پنھنجي انھن جي ئي گھر ۾ يرغمال بڻائي واڙي ڇڏيو آھي انھن کي بااثر جوابدارن پنھنجي ئي گھر کي نجي جيل بڻائي بند ڪيو ويو آھي جنھن کي جوابدار روز روز سخت تشدد ڪندا آھن انھن جي تذليل ڪئي ويندي آھي کين جيل جي قيدين وانگر ماني ڏني ويندي آھي ھن ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر کان گھر ڪئي آھي تـ چوري ٿيل چوپايو مال واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ منھنجي جيجل امڙ منھنجي ڀاء ۽ ڀينرن کي ظالم جي قيد مان آزاد ڪرائي کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي ھن چيو تـ ظالمن منھنجي ڀاء جي گھر جي چئوطرف لوڙھو ھڻائي کين قيد ڪيو آھي ان باوجود پوليس سندن ونگاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.