پني عاقل واسي باگڙي برادري جي ماڻهن جو سکر ۾ بااثر خلاف احتجاج

سکر(رپورٽر) پنو عاقل جي ڳوٺ گجر جي رهواسي باگڙي برادري جي ماڻهن پاران بااثر جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي جيون ڪمار، مائي اميرڪ، دورپتي، شيوا خاتون ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته جوادار مشتاق مري، ارشاد، سليم آفتاب ۽ ٻين اسان جي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، ان ڏس ۾ جوابدارن گّذريل ڏينهن اسان جي گهر تي حملو ڪيو ۽ مذاحمت تي جوابدارن گهر ۾ موجود عورتن ٻارن ۽ مردن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جو ڌمڪيون ڏنيون، جنهن جي اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏني پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪري رهي آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.