ڪڍڻ ويجهو پرائمري اسڪول زبون، تعليم متاثر

ڪڍڻ (رپورٽ بابو کوسو ) يوسي مٺي ٿري, ديھ پکوتر جي ڳوٺ سڏو ڪولھي جو پرائمري اسڪول عالم خان چانڊيو زبون حال بڻجي ويو جنھنڪري ھڪ سئو کان وڌيڪ داخل ٻارڙن جو مستقبل داء تي لڳل آھي, مذڪوره اسڪول مان ھر وقت چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آھن جنھنڪري ٻارڙن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آھي, ٻن ڪمرن تي مشتمل ھي اسڪول ڪنھن به وقت ڌماڪي سان ڪري معصوم شاگردن جي زندگي جو ڏيئو اجھائي سگھي ٿو, ضلع بدين جي انتظاميا جي نظرن کان اوجھل ٿيل ھن اسڪول ۾ رٿيل مڪاني چونڊن لاء پولنگ اسٽيشن پڻ قائم ڪئي ويئي آھي جيڪا ڪنھن خطري کان خالي نه آھي, خدا نه خواسته ووٽنگ جي عمل دوران به اسڪول ڪري ڪنھن وڏي حادثي جو شڪار بڻجي سگھي ٿو, ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار جي تعليم کانتي کان مطالبو ڪيو ڪيو آھي ته عالم خان پرائمري اسڪول جي عمارت نئين سر تعمير ڪرائي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.