حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ نئين ڄاول معصوم ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي. بلديا ٿاڻي جي حد سي آئي اي سينٽر ويجهو هڪ نئين ڄاول معصوم ٻارڙي جو لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي ايڌي رضاڪارن جي معرفت لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو. جتان بعد ۾ قانوني ڪارروائي بعد غسل ۽ ڪفن ڏئي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.