ڪوٽڏيجي ويجهو پوليس چڙهائي، فائرنگ، تشدد ۾عورت بيهوش، احتجاج

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) ڪنب ٿاڻي جي حد نصير فقير جلالاڻي ۾ خاصخيلي برادري جي گهرن مٿان ڪنب پوليس ڪڙڪي پئي فائرنگ دوران عورتن ۽ ننڍڙن ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا پوليس جي تشدد سبب هڪ عورت مسمات شانل خاتون  لٺيون لڳڻ سبب بيهوش ٿي وئي جڏھن ته خاصخيلي برادري جي عورتن جنهن ۾ فتح خاتون ڪونج خاتون گجر خاتون ۽ نصيران خاتون خاصخيلي فاطمه خاصخيلي  ڪنب ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته ڪنب پوليس جي بدمست اهلڪار نديم احمد خواجه ڍولڻ مڱڻھار ۽ ٻين نامعلوم  ٻٽون ٻڌل پوليس اهلڪارن پرائيوٽ گاڏين ۾ چڙھي اسان جي گهرن جو تقدس پائمال ڪري اسان جي بيگناه مردن جنهن ۾ امتياز حسين راشدعلي گلاب علي  علي محمد ۽ وحيد علي خاصخيلي کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي.ياد رهي ته مهينو پهريان اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي بشيران خاصخيلي اغوا ٿي وئي هئي جنهن جو الزام خاصخيلي برادري جي بااثر ماڻھن جنهن ۾ اياز علي خاخصيلي معشوق خاصخيلي ۽ الهجڙيو خاصخيلي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو مظاهرين موجب پوليس ڳري رشوت وٺي اسان مٿان ظلم ڪيو آھي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.