حيدرآباد ۾تشدد بعد گهران نيڪالي ڏنل عورت جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد قاسم آباد جي علائقي سنجر ميربحر جي رهواسڻ مسمات تسليم سندس مڙس ۽ گهرڀاتين پاران تشدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته سندس مڙس تاج محمد رند الزام هڻي تشدد ڪري 3 ٻار پاڻ وٽ رکي گهر مان ڪڍي ڇڏيوآهي، جڏهن ته سندس مٿان جيڪو الزام لڳايو ويو آهي اهو بي بنياد آهي. هن چيو ته مڙس پاران گهر مان ڪڍڻ کانپوءِ هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس ٻار واپس ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.