ٽنڊو آدم ۾ گم ٿيل پوليس اهلڪار جو پٽ هٿ، خوشي جي لهر

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊي آدم بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  ريلوي گرائونڊ علائقي واسي پوليس اهڪار محمد نديم راجپوت جي 3 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل 12 سالن جي پٽ حسنين راجپوت کي مددگار 15 پوليس هٿ ڪري مائٽن تائين پهچائي ڇڏيو مددگار 15 ٽنڊو آدم جي انچارج هادي بخش لغاري ٻڌايو ته نينگر کي مائٽن مارڪٽ ڪئي جنهن تان ڪاوڙجي گهران نڪري ويو هو جنهن جي ڳولا جاري هئي جنهن کي گذريل رات دير سان  باب شاهنواز گيٽ وٽان هٿ ڪري مائٽن حوالي ڪري ڇڏيو ۔ پٽ ملڻ بعد وارثن جي گهر خوشي وارو ماحول بڻجي ويو  ۽ پوليس کي دعائون ڏنيون ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.