سرهاڙي بد امني جي ور چڙهيل، دڪان مان لکن جو ڌاڙو

سرهاڙي ( ن ع آ ) سرهاڙي شهر ۾ بدامني شروع اڄ ڏينهن ڏٺي  جو سرھاڙي نوابشاه روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار نامعلوم هٿيار بند ڦورن پاران ڪتابن جي دڪان تان ڏيڍ لک ڪيش رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا،دڪانمالڪ زاڪر جمالي واقعي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ شھر ۾ ڦٽيون کپائي رقم دڪان ۾ رکي آرام لاءِ پنهنجي رهائش تي ويس جنهن بعد ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ٻُٽ ٻڌل چئن نامعلوم هٿيار بندن دڪان ۾ داخل ٿي ڪري منهنجي ڀائرن عمران، شھداد ۽ آصف کي هٿيارن جي زور تي حراسان ڪري دڪان ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد دراز ۾ پيل لڳ ڀڳ ڏيڍ لک روپيا ڪيش رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن، هن چيو تہ اطلاع تي سرهاڙي پوليس پهچي جائيزو ورتو  هنن سرهاڙي پوليس سميت اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ ٻارهن ڪلاڪن ۾ اگر جوابدار گرفتار نہ ٿيا تہ سڀاڻي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي جيڪا جوابدارن جي گرفتاري تائين جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.