پني عاقل مان اغوا 3 ڄڻا نه موٽيا، انگ 9 ٿي ويو، وارثن جو ڌرڻو

پنوعاقل (رپورٽ:رستم انڍڙ) پني عاقل ۾ قومي شاهراه ۽ موٽروي غيرمحفوظ،8 مهينن ۾ 9 ماڻهو اغوا ٿي چڪا،ڪالهه قومي شاهراهتان اغوا ڪيل ڪوٽڙي ڪبير واسي 3 مغوي نه موٽيا،سندن وارثن جو احتجاج، خبر  موجب پني عاقل ڀرسان دبر ٿاڻي جي حد مان گذريل ڏينهن ڪوٽڙي ڪبير واسي شڪيل ،فدا ملاح ۽ سرفراز سهتو کي ڌاڙيل قومي شاهراهه تان اغوا ڪري ويا هئا،جن جو هيل تائين ڪوبه ڏس نه مليو آھي، جنهن جي ڪري سندن وارثن ۾ تاءُ پکڙيل، وارثن  عطا حسين سهتو ۽ ملاح برادري جي ماڻهن جي اڳواڻي ۾ گنڊوڪري ڦاٽڪ وٽ قومي شاهراه تي احتجاجي مظاهرو ڪري سکر پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته هو ڪالهه کان وٺي خوار آھيون،پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو،جنهن جي ڪري هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون،  سڀاڻي سهتا، مڱڻيجا اتحاد ۽ ملاح برادري پاران پوليس خلاف ٻٻرلوءِ باءَ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي معاملي جو نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائن، ٻئي پاسي ڌاڙيلن وٽان ڀڄي نڪتل حميد ۽ خالد کي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد وارث ڳوٺ وٺي ويا آھن،رپورٽ موجب پني عاقل ۾ گهڻي وقت کان قومي شاهراه ۽ موٽروي غيرمحفوظ بڻيل آھي۔تفصيلن موجب قومي شاهراهه تان 8 مهينن ۾ خليق چاچڙ،شفيق واگهو،عبدالرحيم واگهو سميت 7 ماڻهو اغوا ٿي چڪا آھن، جڏهن ته سانگهڙ واسي رفيق چاڪراڻي ۽ نينگر ذوالفقار بيهڻ کي به موٽروي تان اغوا ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.