ڀان لڳ برسات دوران گهر جي ڇت ڪري پئي، نينگري فوت

ڀان سيدآباد ( ن ع آ )ڀان سيدآباد ويجهو سامتياڻي ۾ برسات سبب گهر جي ڀت ڪري پئي، 13 ورهين جي نينگري فوت، گهر ۾ ڪهرام. تفصيل موجب ڀان سيدآباد ويجهو دادو تعلقي جي ڳوٺ سامتياڻي ۾ برسات سبب علي بخش برهماڻي جي گهر جي ڀت ڪري پئي، ڀت ڪرڻ سبب 13 ورهين جي نگينا برهماڻي ڌي علي بخش برهماڻي فوت ٿي وئي، فوتي نينگري جو لاش دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارث گهر کڻي آيا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ فوتي نينگري جي والد علي بخش برهماڻي ٻڌايو تہ رات جو اوچتو برسات پئي جنهن دوران گهر جي ڪچي ڀت ڪري پئي، ڀت جي هيٺيان اچڻ سبب نياڻي نگينا برهماڻي فوت ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.