خيرپور مبينا باندي بڻايل ٽن عورتن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

خيرپور ( س ر  ) خيرپور جي عدالت مبينيٰ باندي بڻائيل ٽن عورتن جي بازيابي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري، با اثرن وٽان عورتن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت سکر جي علائقي پير مراد شاهه ڪالوني جي رهواسي عبدالجبار چانديو جي طرفان داخل ڪرائيل پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ صدرجي ڀٽيون جي رهواسي با اثرن عبدالرشيد انڙ، گلاب چانڊيو، عبدالمالڪ چانڊيو، مسمات شمع بانو ۽ نثر الله چانڊيو وٽ مبينيٰ باندي بڻائيل ٽن عورتن مسمات منظوران، مسمات گل بانو ۽ مسمات شير بانو کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.